سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

سيد خادم سبحان ڏاڏاهي: استاد، شاعر ۽ محقق. 5 جنوري 1961ع تي، سيد سبحان علي شاهه جي گهر، بُڪيرا شريف ۾ پيدا ٿيو، سندس تعليم بي. اي بي. ايڊ آهي. 1986ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان مقرر ٿيو. لکڻ جي شروعات پرائمري کان ڪئي. سندس شاعري ’عبرت‘، ’ڪاوش‘، ’سماجي دنيا‘ (مئگزين)، ’عبرت‘ (مئگزين) ۽ ’انڪشاف‘ اخبار ۾ سندس ڪيترائي علمي، تحقيقي ۽ تاريخي مضمون اخبار ۾ شايع ٿيل آهن. سندس طبع هيٺ آيل صنفن ۾: غزل، وائي، ڪالم، ڪتاب تي تبصرو، ڪهاڻي، نثري ٽڪرا، بُڪيرا شريف جي حوالي سان تاريخي ۽ تحقيقي مضمون شامل آهن. کيس، تعليم کاتي ۾ پنهنجي فرض جي بهترين ادائيگيءَ تي تعليم کاتي، سنڌ پاران روڪ رقم، تعريفي سرٽيفڪيٽ، بهترين هيڊ ماستر جو اعزاز ۽ شيلڊ پڻ ملي چڪي آهي. پاڻ، حيدرآباد ۾ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ آباد آهي ۽ سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو سرگرم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.01.05  عيسوي

سيد خادم سبحان ڏاڏاهي 5 جنوري 1961ع تي، سيد سبحان علي شاهه جي گهر، بُڪيرا شريف ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جهانگيرڪرامت
عمر شريف
اشرف سمون ڊاڪٽر
احمد مغل
شفقت چيما
خادم حسين انڙ
انور عباسي
مراد فقيرسنديلو
ڄام جکرو
امير پير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون